سنت لوڙنگ ڏيو جي سماڌي

سنت لوڙنگ ڏيو جي سماڌي

سنت لوڙنگ ڏيو جي سماڌي

سنت لوڙنگ ڏيو جي سماڌي (مقبرو): ٻارمتي پنٿ جي عام روايتن ۾ مشهور آهي ته لوڙنگ ڏيو طبعي موت مرڻ بجاءِ زمين ۾ سمائجي ويو هو، سندس ان ڪرامت ۽ روحاني گرو جي عقيدت عيوض سندس عقيدتمندن تاريخي ڳوٺ ٺريءَ جي دڙن تي هڪ سماڌي (مقبرو) جوڙائي. 1970ع کان اڳ موجوده مقبري جي جاءِ تي فقط هڪ عام سماڌي جڙيل هئي، جنهن بعد 1970 کان 1980ع جي ڏهاڪي ۾ ڪراچي، ٿر ۽ ڪڇ جي ميگهواڙن سماڌيءَ جي ڀرپاسي ۾ چار ٿنڀا ۽ اوچيون ڀتون تعمير ڪرايون ۽ 2002ع ڌاري هڪ خوبصورت سماڌي جوڙائي وئي آهي.
هيءَ سماڌي (مقبرو) تعلقي ماتلي، ضلعي بدين ويجهو سومرا دور جي تاريخي ڳوٺ ٺري/ٺرئي جي دڙن تي واقع آهي، جيڪو هن وقت حاجي سانوڻ ڳوٺ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. دڙي مٿان سماڌيءَ جي اصل جاءِ وقوع تقريباً 10 ميٽر قطر مان اڌ ميٽر جي اوچائي تي آهي. دڙي جي سموري حصي کي ’واڙو‘ چيو ويندو آهي ۽ ياترا دوران زيارت لاءِ ايندڙ ياتري واڙي ۾ گڏ ٿيندا آهن.
سنت لوڙنگ ڏيو جي علامتي سماڌي دڙي جي اُڀرندئين ڪنڊ تي آهي. 2002ع ڌاري نئين تعمير ڪيل سماڌي اٺ ڪنڊائتي
(Octagonal) ڊزائن تي مشتمل آهي، سماڌي جي پٽ (ٺارو) تي سفيد ٽائيل نصب ٿيل آهن، تقريباً 12 ٿنڀن جي سماڌيءَ جي چوڌاري گول ونگائين ڊزائين ۽ اٺ ڪنڊي ڇت ٺهيل آهي. ٿنڀن تي اڇي ۽ ناسي رنگ جي ٽائيلن سان خوبصورت ڊزائن ۽ ونگائين درن جي ڪنار تي نيري رنگ جي ٽائيلن سان نمايان پٽي ڏنل آهي. ڇت جي اندرئين حصي ۾ رنگين شيشن جي ننڍن ٽڪڙن سان نهايت نفيس ۽ دلڪش نقش ٺهيل آهن.
سماڌيءَ جي ڊيگهه غير معمولي طور ٻن ميٽرن تي مشتمل آهي، جيڪا ڳاڙهي رنگ جي گاري سان ڍڪيل آهي. سماڌيءَ جي پاسي ۾ 25 سينٽي ميٽر جي لوهي ڄاري نصب آهي. هن سماڌيءَ ۾ هڪ وقت تقريباً 100 ياترين جي ويهڻ جي گنجائش آهي.
ٻارمتي پنٿ جي عقيدي موجب هن سنت کي شري گڻيش جو اوتار سمجهيو ويندو آهي، تنهنڪري سندس سماڌيءَ جي سيرانديءَ شري گڻيش جون ٻه مورتيون پڻ اسٿاپت (رکيل) آهن، جن جي چوڌاري ڏيئا ۽ اگربتيون ٻارڻ لاءِ ننڍڙيون ڀتيون اڏيل آهن. مقبري جي ونگائين درن مٿان ناسي، اڇي ۽ نيري رنگ جا ٽائيل لڳل آهن، مٿان ٻيڙ ٻنو ڏنل آهي، جنهن جي ڪنار تي پڻ نيرا، اڇا ۽ پيلي رنگ جا ٽائيل نصب آهن. مٿئين حصي ۾ چوڌاري 4 کان 5 فٽ (گهٽ- وڌ) جي اٺ ڪنڊي ڀت آهي، جنهن جي مٿان مخروطي انداز ۾ هڪ گنبذ ۽ وچ تي هڪ چوڪڙي ٺهيل آهي، جنهن جي مٿان سورج مکيءَ جو سبتو گل رکيل آهي. گنبذ جي چوطرف ٻيڙ ٻنو ۽ ان مٿان جنسار ٿيل آهي، جن تي پڻ اڇي ۽ نيري رنگ جا ٽائيل لڳل آهن.
هن سماڌيءَ ۽ دڙي جي ڀرپاسي ۾ سومرا دور جا ڪيترائي يادگار پڻ ملن ٿا، جن مان هڪ 3x2.5 فٽ جو پٿر جو ٽڪڙ، سماڌي جي ويجهو نصب آهي، جنهن تي ترار (تلوار) ۽ ڀالي سان هڪ سپاهيءَ جي تصوير اُڪريل آهي.
سنت ماتئي ڏيو: ٻارمتي پنٿ جو هي ٽيون سنت، لوڙنگ ڏيو جو اڪيلو پٽ ۽ پنٿ جي باني شري ڌڻي ماتنگ جو پوٽو هو. سندس جنم ڪڇ (هندستان) جي علائقي ماترڻي ۾ وڪرمي سنبت 1200 جي ڦڳڻ مهيني جي پهرين تٿ مطابق 1066/ 1257ع ڌاري ٿيو. هي پنهنجي پيءُ ۽ ڪٽنب سان گڏ ٺري (بدين) ۾ اچي آباد ٿيو، جتي سندس شادي ويناديويءَ سان ٿي. هن پنهنجي خانداني تسلسل کي برقرار رکندي سماج ۾ جن ذاتين کي گهٽ سمجهيو ويندو هو، تن ۾ ٻارمتي پنٿ جي فڪري پرچار جو آغاز ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ، ڪڇ، گجرات ۽ راجسٿان جي مختلف علائقن جو سفر به ڪيو. کيس روحاني علم/ تنتر گيان حاصل هو، جنهنڪري کيس ٻارمتي گنانن ۾ ’پنج پرکن جي وڳت‘ ۽ ’ڌنوتر جو اوتار‘ ڪري ڄاڻايو ويو آهي. ٻارمتي پنٿ جي روايتن مان واضح ٿئي ٿو ته سندس دور ۾ ڪڇ اندر جاڙيجا سما سلطنت جو آغاز ٿيو هو. ساڳئي ئي دور ۾ ٺٽي اندر سومرا حڪومت جو زوال ٿيو ۽ سمن جي حاڪميت قائم ٿي. هن جي روحاني فيض سبب ڪڇ ۽ ٺٽي جا جاڙيجا سما حاڪم وڏي پئماني تي سندس معتقد ٿيا. سومرا ۽ پوئتي پيل قبيلا به هن جي روحاني اثر کي اڳواٽ قبول ڪري چڪا هئا. هن ٻارمتي پنٿ جي اصولن ۾ ڪي سڌارا آڻي، معتقدن لاءِ آسانيون پيدا ڪيون.
سندس زندگيءَ جو آخري وقت تلهار ويجھو پراڻي ڳوٺ ٻاڌرا ۾ گذريو، جتي هن پنهنجي پيءُ ’لوڙنگ ڏيو‘ وانگر سماڌي ورتي. هن معجزي/عمل کي مامئي ڏيو پنهنجي گنانن ۾ ’گھمڻ‘ ڪري ڄاڻايو آهي، جڏهن ته ٻارمتي پنٿ جي هڪ ٻي روايت موجب ماتئي ڏيو جو طبعي موت ٿيو هو ۽ سندس ديهانت جو سال وڪرمي سنبت 1350 مطابق 1250/ 1350ع کان به اڳ ڄاڻايو ويو آهي. هر سال ڦڳڻ مهيني جي پهرين تٿ تي ڌوريتي جي مذهبي ڏهاڙي تي هندو ياتري هن سنت جي ياترا/ زيارت لاءِ سندس سماڌيءَ تي ويندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو